درٻيلو 2

درٻيلو 2 (شهر): درٻيلو، ضلعي نوشهري فيروز جو هڪ اهم شهر آهي. تاريخي لحاظ کان درٻيلي کي ساهتي پرڳڻي ۾ وڏي اهميت حاصل رهي آهي. عربن جي فتح کان اڳ درٻيلو هڪ رياست هئي. هيءُ شهر ساهتيءَ جي اڪثر شهرن کان پراڻو آهي. ’تاريخ معصومي‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته قديم وقت ۾ ’ڊڀرو‘ ۽ ’درٻيلو‘ ٻه جدا مقام هئا. ڊڀرو شهر جو نالو ۽ درٻيلو پرڳڻي جو نالو هو. وقت گذرڻ بعد درٻيلو سماجي ۽ سياسي اثر حاصل ڪري ويو. هتي جي عالمن، بزرگن ۽ ناميارين شخصيتن ۾ مولانا سعدو درٻيلوي، شيخ عبدالله متقي، مخدوم قاضي عثمان، مخدوم ميان عبدالجليل، قاضي ابراهيم، قاضي عبدالله، شيخ رحمت الله، شيخ حميد، شيخ عبداللطيف، سيد الهندو شاهه، سيد محمد علي شاهه ۽ سيد ظفر علي شاهه قابل ذڪر آهن. سيد محمد علي شاهه، جي. ايم. سيد جو ساٿي هو. سندس فرزند ظفر علي شاهه محب وطن سياستدان آهي. پيپلز پارٽيءَ سان وابسته آهي ۽ هن وقت ايم. اين. اي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو